جامع مسجد ڳوٺ آدم خان پنهور

جامع مسجد ڳوٺ خان پنهور'>آدم خان پنهور: هي مسجد 1890ع ۾ مير خان پنهور'>آدم خان پنهور مرحوم جي ڏاڏي حامد خان پنهور تعمير ڪرائي، جنهن جي ڇت ٽن قبن تي مشتمل آهي. وچيون وڏو ۽ پاسن کان ٻه ننڍا قبا آهن. ان کان سواءِ مسجد تي ٻه وڏا ۽ خوبصورت مينار ٺهيل آهن. اڳيان وڏو ورانڊو جڙيل آهي. ورانڊي مٿان خوبصورت محراب نموني جڙاءَ جو ڪم ٿيل آهي. مکيه دروازي تي سنجهٽ سان هڪ خوبصورت قبو پڻ ٺهيل آهي. هن مسجد ۾ پاڪستان جون وڏيون وڏيون شخصيتون نماز پڙهي چڪيون آهن، جن ۾: وڏو پير پاڳارو، مير خان جمالي'>جعفر خان جمالي، شهيد نواب غوث بخش خان رئيساڻي وغيره شامل آهن، جيڪي مير آدم خان مرحوم جي دوستيءَ سبب هتي ايندا هئا.



هن صفحي کي شيئر ڪريو